پختونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جو سربراهه محمود خان اچڪزئي

پختونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جو سربراهه محمود خان اچڪزئي

پختونخوا ملي عوامي پارٽي

پختونخوا ملي عوامي پارٽي: پختونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جو سربراهه محمود خان اچڪزئي آهي. هيءَ بلوچستان جي قومپرست ۽ وڏو اثر رکندڙ پارٽي آهي. هن پارٽيءَ جو خيبر پختونخوا صوبي ۾ به ڪافي اثر آهي. محمود اچڪزئي چونڊيل نمائندي طور قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي پارٽيءَ بلوچستان صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ به کَٽي هئي. هن پارٽي ’پــونــم‘ (Pakistan Oppressed Nations Movement) ۾ شامل رهي، پختون قوم جي حقن سان گڏ پاڪستان جي ٻين مظلوم قومن جي حقن لاءِ به جاکوڙ پئي ڪئي آهي. هن پارٽيءَ پاران 2008ع جي عام چونڊن ۾ بلوچستان ۾ ٿيل فوجي آپريشن خلاف احتجاج طور حصو نه ورتو. اهو احتجاج اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف جي حامي ق ليگ حڪومت جي پاليسين خلاف هو.


لفظ پختونخوا ملي عوامي پارٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو